زرڪ خان لاشاري

زرڪ خان لاشاري: نامور شاعر رشيد احمد لاشاريءَ جو والد خان لاشاري'>زرڪ خان لاشاري هڪ سٺو شاعر ٿي گذريو آهي. سندس والد جو نالو ڌڻي بخش خان لاشاري هو. سندس پيدائش جي باري ۾ مستند روايت نٿي ملي پر رشيد احمد لاشاريءَ لکيو آهي ته ”پاڻ وفات واري سال ايئن فرمايو هئائون ته منهنجي عمر پنجهتر سال آهي“ جيئن ته زرڪ خان لاشاريءَ جي وفات 14 مارچ 1932ع ۾ ٿي، اُن اندازي موجب چئي سگهجي ٿو ته خان لاشاري'>زرڪ خان لاشاري 1857ع ڌاري ۾ پيدا ٿيو هوندو. مستند روايتن موجب زرڪ خان، خانڳڙهه (جيڪب آباد) ۾ پيدا ٿيو ۽ سندس ننڍپڻ جو ڪافي عرصو اُتي ئي گذريو، سندس والد ۽ چاچا پوليس ۾ هئڻ ڪري بلوچستان جي دور دراز ٿاڻن ۾ نوڪريون ڪندا هئا، پر سندن گهر ٻار خانڳڙهه/جيڪب آباد ۾ ئي هوندو هو. سڀ کان اڳ ڌڻي بخش خان پنهنجا ٻار ٻچا اپوزئي (فورٽ سنڊيمن، بلوچستان) گهرائي ورتا ۽ زرڪ خان جي تعليم ۽ تربيت به اُتي شروع ٿي. ان وقت بلوچستان ۾ اسڪول ۽ ڪاليج ڪو نه هوندا هئا، رڳو مسجدن ۾ ديني تعليم ڏني ويندي هئي ۽ مسجدن جا تعليم يافته شخص ئي ليويز ٿاڻن ۾ محرر يعني ڪلرڪ يا منشي مقرر ٿيندا هئا. زرڪ خان، اپوزئيءَ جي هڪ عالم، مولوي عبدالحميد ڪاڪڙ وٽ پشتو ۽ پارسيءَ جي ڪافي تعليم حاصل ڪئي. اردوءَ جي تعليم ڪا نه هوندي هئي، پر ڌڻي بخش خان جو هڪ دوست عبدالعزيز ديري غازي خان جو رهاڪو، سندس ٿاڻي جو محرر (منشي) هوندو هو. ان وٽان زرڪ خان کي اردوءَ جي اڀياس جو ڪافي موقعو مليو. ان کان سواءِ زرڪ خان کي ڪنهن سانگي سبب ننڍپڻ ۾ ڳوٺ سوڀي خان اوڳاهي، تعلقي ڪنڌڪوٽ لڳ جڏهن ٻه سال رهڻ جو موقعو مليو ته اتان جي آخوند الهه ورائي خان کان سنڌيءَ جي تعليم به حاصل ڪيائين.
اپوزئيءَ ۾ ڌڻي بخش خان جي زندگيءَ ۾ سندس ٻن پٽن زرڪ خان ۽ شهڪ خان کي ليويز پوليس ۾ کنيو ويو. ڌڻي بخش خان جي وفات کان پوءِ زرڪ خان کي اپوزئي (فورٽ سنڊيمن) جو دفعيدار (صوبيدار) سندس ننڍي ڀاءُ شهڪ خان کي بوره (ضلعي لورالائيءَ) جو دفعيدار مقرر ڪيو ويو. زرڪ خان اڪثر فورٽ سنڊيمن ۾ ۽ ڪجهه وقت موسيٰ خيال، بوره ۽ سبي ٿاڻن تي گذاريو. کيس ڪيترا ڀيرا خاص ڊيوٽيءَ تي ڪوئيٽا گهرايو ويو. 1900ع واري وبا جي زماني ۾ حالتون ڪجهه اهڙيون ناسازگار ٿيون، جو زرڪ خان کي پينشن تي لهي گهر اچڻو پيو ۽ سرڪار کان منظوري وٺي، باگڙ واري زمين احمد خان کوسي کي وڪرو ڪري ديهه بجاراڻي، ڪنڌڪوٽ ۾ اچي زمين خريد ڪيائين ۽ اتي هڪ ڪچو قلعو تعمير ڪرائي، ڳوٺ ٻڌي اچي ويٺو. اهڙيءَ ريت زمينداري پيشو اختيار ڪيائين. 1900ع ۾ پهرين گهر واريءَ جي وفات کانپوءِ 1921ع ۾ پنهنجي چاچي رئيس مغل خان جي نياڻيءَ سان ٻي شادي ڪيائين، جنهن مان 1922ع ۾ رشيد احمد لاشاري پيدا ٿيو، جيڪو اڳتي هلي سنڌ جو ناميارو شاعر ۽ اديب ٿيو.
1925ع ڌاري ملڪ جون معاشي حالتون خراب ٿي ويون، زمينن کي پاڻي نه ملڻ ڪري فصل تباهه ٿي ويا، زرڪ خان به معاشي طور تنگ دست ٿي پيو. زمينون ڪنڌڪوٽ جي سوناري گورڌنداس کي گروي ڏئي، ملگزار (بلوچستان) ۾ لڏي وڃي ويٺو. رشيد احمد لاشاري به اتي ڄائو ۽ پڙهيو. خان لاشاري'>زرڪ خان لاشاري 14 مارچ 1932ع تي وفات ڪئي. زرڪ خان خوشمزاج، سنجيدو ۽ بردبار انسان هو. غير متعصب هو. سندس ڪوششن سان ملگزار ۾ اردو اسڪول قائم ٿيو.
زرڪ خان کي شعر ۽ موسيقيءَ سان وڏو لڳاءُ هو. سٺو شاعر ۽ نغمه گو هو. رباب نهايت سٺو وڄائيندو هو. پنهنجا بلوچي، پشتو ۽ پارسي ڪلام رباب تي ڳائيندو هو. داستان گوئيءَ سان خاص دلچسپي هئس. سرائيڪي ’جنگنامو زيتون‘ (مصنف امير بخش) ۽ پارسي مثنوي مولانا روم هميشه مطالعي هيٺ رکندو هو. سنڌي، بلوچي، سرائيڪي، اردو، پارسي، پنجابي ۽ پشتو زبانن تي عبور رکندو هو. سندس سنڌي شاعري به موجود آهي.
هو سنڌي شاعري مان سچل سرمست کان وڌيڪ متاثر هو، پنهنجون سرائيڪي ڪافيون رباب تي ڳائيندو هو. زرڪ خان جي سنڌي ڪافيءَ جا ڪجهه بند هيٺ ڏجن ٿا:
روئندي ڏسان ٿي واٽان، اجهي ٿا وڃن منهنجا جوڳي جاني

مرليون وڄائي، مست بنائي،نانگ نچائي، دود دکائي،
غم جون ٻاري لاٽان،اجهي ٿا وڃن منهنجا جوڳي جاني

’زيرڪ‘ زاران زور زوراور، دلڙي کسي ويا دوست دلاور
نيڻ وسائن ڇاٽان، اجهي ٿا وڃن منهنجا جوڳي جاني


لفظ زرڪ خان لاشاريھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو